پنجاب جي وڏي وزير کي هٽائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻيءَ لاءِ جوڙيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي

0
260

وزیراعلیٰ کو ڈی نوٹیفائی کرنے کا معاملہ: پرویز الٰہی کی درخواست پر بننے والا لارجر بینچ ٹوٹ گیا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير کي هٽائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻيءَ لاءِ جوڙيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي آهي، بينچ ۾ شامل جج فاروق حيدر بينچ جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير پرويز الاهي جي درخواست تي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهيءَ ۾ بينچ جوڙي هئي

بينچ جي سربراهه جسٽس عابد عزيز چيو ته جسٽس فاروق حيدر ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پرويز الاهي جو وڪيل رهي چڪو آهي، تنهن ڪري هن بينچ جو حصو ٿيڻ کان معذرت ڪئي، ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙي ويندي

وڏي وزير درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته گورنر اعتماد جي ووٽ لاءِ اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو، اسيمبلي جو  اڳواٽ اجلاس هلڻ سبب اسپيڪر نئون اجلاس نه گهرايو

درخواست ۾ چيو ويو ته گورنر پاران اجلاس نه گهرائڻ تي وڏي وزير ۽ ڪابينا کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ غير آئيني آهي، گورنر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واريون رٿون واپس نه ٿينديون: نواز ليگ

چند روز قبل ہی ن لیگ نے وزیراعلیٰ پنجاب، اسپیکر اور ڈپٹی اسپیکر کے خلاف تحریک عدم اعتماد جمع کروائی تھی۔ فوٹو فائل

ٻئي پاسي اپوزيشن پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي، نون ليگ جي ايم پي اي طاهر خليل سنڌو چيو آهي ته پرويز الاهي جي برطرفي سبب هاڻي سندس  خلاف بي اعتمادي رٿ واپس ورتي وئي آهي

نواز ليگ اڳواڻن موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واريون رٿون واپس نه ٿينديون، انهن تي ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي

 گورنر پنجاب رات دير سان هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي وڏي وزير پرويز الاهي کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو هو

هي به پڙهندا

پرويز الاهي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج