سپريم ڪورٽ جو سموري سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

0
369
سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور جي زمين کپائي رقم متاثرين ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سموري سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس ۽ رينجرز کي قبضا هٽائڻ ۾ معاونت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ 2 رڪني بينچ سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، سموري سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

جسٽس جمال الدين مندوخيل رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن پوليس قابل ناهي ته کاتو ئي ختم ڪري ڇڏيو، هر ڪم ۾ رينجرز مدد ڇو ڪندي؟

جسٽس حسن اظهر  رضوي رمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ منصوبابندي تحت غير قانوني ڳوٺ آباد ڪيا پيا وڃن، ڪو به ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار نه آهي

جسٽس جمال الدين مندوخيل سينيئر ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن کي چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضا برقرارآهن، ائين ڪيستائين هلندو، اوهان رڳو ٽائيم پيا گهرو، توهان درست نموني سڌارا آڻيو ته عدالتن تان 80 سيڪڙو بار لهي ويندو

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران ايندڙ ٻڌڻي تي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ بابت رپورٽ ۽ ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عدالت سنڌ سرڪار کي 6 هفتن اندر قبضا ختم ڪرائڻ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي

هي به پڙهندا

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو سوڌو 25 ڄڻا دهشتگردي ڪيس مان بري

پنجاب جي وڏي وزير کي هٽائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻيءَ لاءِ جوڙيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي