ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو سوڌو 25 ڄڻا دهشتگردي ڪيس مان بري

0
423
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو

گمبٽ (رپورٽر) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو سوڌو 25 ڄڻا دهشتگردي ڪيس مان بري ٿي ويا، سينيئر سول جج گمبٽ جي عدالت شاهديون نه ملڻ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي

راڻيپور مان اغوا ٿيل آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ قومي شاهراهه بند ڪيو ويو هو، جنهن جو راڻيپور ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته اسان جي جدوجهد سبب معصوم آديش بازياب ٿيو، ڪوڙا ڪيس جدوجهد تان هٿ نه ٿا کڻائي سگهن

هي به پڙهندا

ناظم جوکيو قتل ڪيس: ايم پي اي ڄام اويس سوڌو 8 جوابدارن خلاف ترميمي فرد جرم لاڳو