پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پريالوءِ لڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نظيران شيخ منظر عام تي اچي وئي، عورت ڌيئرن سميت احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته محمد عيسيٰ عمراڻي، فيض محمد عمراڻي، محمد علي ۽ سندس ڀائرن گھر تي حملو ڪري ھٿيارن جي زور تي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، جن سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پندرھن ڏينھن نامعلوم ھنڌ تي قيد ۾ رکي علائقي جي معززن جي ھٿ تي آزاد ڪيو ويو. اغوا معاملي جي جوابدارن خلاف درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي آھي پر ھن مھل تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي ھن وڌيڪ دانھيندي چيو ته منھنجي پٽ علي رضا شيخ شادي ڪئي آهي جنھن جي سزا مون کي ڏني وئي، گھرن قبضا ڪري گھرن ۾ بيٺل چوپايو مال ٻڪريون ھنڌ بسترا نياڻين جو ڏاج سون روڪ رقم پڻ کڻي ويا آهن انصاف ڪيو وڃي.