مورو (ن پ ا) مورو شھر جي ٻانڌي روڊ سنڌ ڪالوني جي رھواسي سيد شمس الدين شاهه پنھنجي معصوم ٻارڙن سيد سھيل شاهه ۽ سيده اقصيٰ شيرين سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪيو، جتي ھن ٻڌايو ته منھنجو ننڍڙو پٽ يارھين ڪلاس جو شاگرد سيد ساحل شاهه پنھنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي اسڪول کڻي وڃي رھيو ھو ته ان کي پوليس کنڀي کڻي وئي آھي جنھن کي لڪائي ڇڏيو آھي. ھن آءِ جي سنڌ، آر پي او حيدرآباد، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي ته منھنجي کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽ يارھين ڪلاس جي شاگرد سيد ساحل شاهه کي آزاد ڪري پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي.