گمبٽ (ن پ ا) ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جو گمبٽ گمس اسپتال جو اوچتو دورو، گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سان ملاقات ڪري مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ سيڪيورٽي ۽ سي سي ٽي وي ڪئميراز جو جائزو ورتو آهي. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي صحت جي حوالي سان ڪيل خدمتن تي ساراهه ڪندي چيو ته ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٻن ڪمرن جي ننڍڙي اسپتال کان شروعات ڪئي،ھاڻي گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي جتي سنڌ سميت پوري ملڪ جي غريب بي پهچ ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪيو پيو وڃي ٿو.گمس اسپتال جي سيڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پوليس جو جوان مقرر ڪيا ويندا.