پريالوءِ (ن پ ا) ڳوٺ جهانگي ڦلپوٽا ۾سهري گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گونگي نهن الهبچائي زال جهانگي کي ڏنڊا هڻي قتل ڪرڻ بعد واقعي کي لڪائڻ لاءِ گهر جي ڇت ڪيرائي ان ھيٺيان ڌٻجي فوت ٿيڻ جو چيو ويو، اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر جي ڇت ڪرڻ سبب الهبچائي ان جي هيٺيان اچي فوت ٿي وئي،مقتولا گونگي عورت جي ڀاءُ نثاراحمد ڦلپوٽو پريالوءِ پوليس کي اطلاع ڪيو ته سندس ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس پهچي مقتولا جو لاش کڻائي رولر هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو.نثار احمد پٽ ربن ڦلپوٽو پريالوءِ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽي سال اڳ گونگي ڀيڻ الهبچائي جي شادي جهانگي خان ولد محمد يوسف ڦلپوٽو سان ٿي، ڀيڻ تي سندس سهرو بناجواز مٿس تشدد ڪندو رهندو هو، محمد يوسف ۽ هڪ نامعلوم جوابدار سان گڏجي بناجواز ڏنڊا هڻي منهنجي ڀيڻ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو پوليس ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار محمد يوسف پٽ حاجي سهراب ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.