گڊو (ن پ ا) گڊو لڳ پنجاب جي علائقي سونمياڻي ٿاڻي جي حد بنگلا اڇا ۾ لٺاڻي ۽ بگاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ لٺاڻي برادري جا 2 ڄڻا حق نواز ۽ جميل احمد قتل ٿي ويا، اطلاع تي سونمياڻي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال بنگلا اڇا منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه واثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.