مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور لڳ پاڻي جي واري تي ويل 2 پورهيت نوجوان مبينا اغوا، پولي پيرا کنيا. خبر موجب ڳوٺ جمن شاھ جيلاني ۾ پاڻي جي واري تي ويل ٻه نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن، وارثن موجب ولي محمد مائري ۽ ظفر مائري زمين تي پاڻي جي واري تي ويل هئا، جتان کين اغوا ڪيو ويو آهي. وارثن موجب صبح جو واپس نه ورڻ تي جاچ ڪئي وئي ته نوجوان موجود نه هئا، سندن جتيون ۽ ٻيو سامان زمين تي پيل هو، اطلاع تي پوليس پهچي وارثن سان گڏ پيرا کڻايا، پوليس موجب ٻنهي ڄڻن جي اغوا بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.