مٺي/ اسلام ڪوٽ (نمائندا) دودو ڀيل قتل ڪيس جي ٻن مک جوابدارن جي گرفتاري ظاهر، شڪ جي بنيادن تي پوليس پاران گرفتار ڪيل 9 سيڪورٽي گارڊ آزاد، قتل ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ 2 جوابدار پنجاب فرار. خبر موجب ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ 25 ڏينهن اڳ سيڪورٽي گارڊن جي وحشياڻي تشدد بعد فوٿ ٿيل پورهيت دودو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ پوليس مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ گارڊ قمر عباس جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ٻئي جوابدار پورهيت صديق راهمون کي قيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار هئا، جنهن بعد جانچ آفيسر سراج لاشاري ڪالھه مٺيءَ جي عدالت ۾ پيش ٿي گرفتار ٿيل جوابدارن جي دودي قتل ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڪئي. عدالت جي اجازت بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ تحويل ۾ وٺندي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته دودي ڀيل جي قتل واقعي بعد بلاڪ ٽو مان شڪ جي بنيادن تي گرفتار ڪيل وڌيڪ 9 سيڪورٽي گارڊن کي وليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 2 جوابدار حفظه ملڪ ۽ هڪ ٻيو جوابدار پنجاب فرار ٿي ويا آهن. مقتول دودي ڀيل تي تشدد واري واقعي ۾ وڌيڪ ماڻهو ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،جنهن بعد جانچ ڪندڙ ٽيم جانچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته جانچ ٽيم کي جانچ دوران وڌيڪ اهم معلومات ملي آهي، جنهن ۾ ڪمپني جي عملدارن سميت ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جو اشارو مليو آهي، جنهن بعد جانچ جو دائرو محدود ڪرڻ بدران وڌايو ويو آهي. هوڏانهن رابطي تي جانچ ڪندڙ آفيسر سراج لاشاري چيو ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس جي جانچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حُڪم تي ڪري رهيو آهيان، اڄ دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ گهربل ٻن مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ قمر عباس جي گرفتاري اسان جي حوالي ٿي ويئي آهي،جيڪي پورهيت کي قيد رکڻ واري ڪيس ۾ اڳ ئي گرفتار هئا،جنهن جي گرفتاري اڄ ظاهر ڪئي ويئي آهي،باقي وڌيڪ ٻه جوابدار ڪيس ۾ گهربل آهن جن ۾ هڪ جوابدار حظيفه ملڪ پنجاب فرار ٿي ويو آهي. هن چيو ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ رُڳو چار جوابدار نه پر وڌيڪ ملوث آهن، اسان جانچ جو دائرو وڌائي رهيا آهيون، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو،قتل ڪيس جي جانچ مڪمل صاف ۽ شفاف ٿيندي،دودي ڀيل جي وارثن سان انصاف ڪرڻ جو قسم کنيو آهي،سموري جانچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. هن چيو ته جيڪي جوابدار پنجاب فرار ٿي ويا آهن اُنهن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آنڌو ويند. اسان جانچ ڪري رهيا آهيون،ڪيس ۾ جيڪي به هٿ ملوث آهن اُهي ظاهر ڪنداسين.