مٺي (رپورٽر) بي آءِ ايف پهرين آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي ۽ سڀاڻي 26 تاريخ تي ڌرڻي تي تشدد ڪندڙ آفيسرن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ بي آءِ ايف ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ لجپت راءِ سوراڻي رابطي تي ٻُڌايو ته دودي جي قتل ڪيس ۾ ٻن مُک جوابدارن ڪاشف ۽ قمر جي پوليس گرفتاري ظاهر ڪئي آهي باقي ٻه جوابدار پنجاب فرار ٿي ويا آهن جن کي پوليس فرار ڪرايو آهي، اُنهن کي به گرفتار ڪيو وڃي،هن چيو ته اسان دودي ڀيل جي قتل واقعي ۽ پوليس پاران پُرامن شهرين تي ڪيل تشدد واري واقعي خلاف پهرين آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي،جنهن ۾ سڄي سنڌ شرڪت ڪندي،هن چيو ته سڀاڻي 26 تاريخ تي مُک جوابدارن جي ضمانت لاءِ تاريخ مقرر ٿيل آهي،اسان جي وڪيلن جو پينل پيش ٿيندو،ساڳئي تاريخ تي اسان عدالت ۾ تشدد ڪندڙ ايس ايس پي سميت ملوث ٽيم جي خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائينداسين،