ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ اغوا بعد قتل ٿيل 6 سالن جي نينگري سنڌيا ڀيل جي وارثن وٽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي پھچي ويو، قتل ٿيل نينگري جي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ جاءِ واردات جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي نوابشاھ امير سعود مگسي ٽائيم نيوز سان ڳالھائندي چيو ته معصوم نينگري جي قتل تي تمام وڏو صدمو رسيو آھي معصوم نينگري سنڌيا ڀيل کي قتل ڪندڙ مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنھن نينگري کي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ وارثن جي مرضي موجب جوابدار مٿان قتل ڪيس ۽ ريپ سميت دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آھن. ايس ايس پي امير سعود مگسي وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار جا جزا وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليباٽري اماڻيا ويا آھن ايس ايس نوابشاهه وڌيڪ چيو ته نياڻي کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ قتل ٿيل معصوم نينگري جي خون سان انصاف ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڊي ايس پي دوڙ نثار وساڻ پڻ ٽائيم نيوز سان ڳالھائندي چيو آھي ته معصوم سنڌيا ڀيل قتل ڪيس جي مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي اڄ دھشتگرد ٽوڙ عدالت نوابشاهه ۾ پيش ڪيو ويو جوابدار کي عدالت ستن ڏينھن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آھي گرفتار جوابدار معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جوپڻ اعتراف ڪيو آھي ان بعد جوابدار جا جزا وٺي ڄامشورو ليباٽري ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آھن، ٻئي طرف قتل ٿيل معصوم نينگري سنڌيا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صبا چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته نينگري جا جزا وٺي روھڙي ليباٽري موڪليا ويا آھن رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي سگھبو ته نينگري سان جنسي ڏاڍائي ٿي آھي يا نه، جڏھن ته قتل ٿيل نينگري سنڌيا ڀيل جي وارثن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي امير سعود مگسي قتل ٿيل نينگري جي وارثن کي يقين ڏياريو ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو.جڏھن ته قتل ٿيل معصوم نينگري سنڌيا ڀيل جي وارثن وٽ 2 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو نه پهتو.