شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي الف شاهه شھيد واري علائقي مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي، لاش کي ڏسي ڀرپاسي جي ماڻھن ايڌي رضاڪارن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ايڌي رضاڪار پھچي نوجوان جو لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال پھچايو، آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي،