پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ٽائون جي ڪلارڪ سراج احمد شيخ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان الزام ھڻندي چيو ته ٽائون آفيسر آفتاب مغل جو آرڊر ڪوڙو آھي. ھن صحافين کي ٻڌايو ته آفتاب مغل ٻه سال کان اڪائونٽنٽ طور مقرر ھو، 15 ڏينھن اڳ ھڪ سياسي ماڻھو جي آشرواد سان ڪوڙو آرڊر ڪرائي پريالوءِ جو ٽائون آفيسر بڻيو آھي.ڪلارڪ سراج احمد شيخ الزام ھڻندي چيو ته آفتاب مغل اڪائونٽنٽ جي سيٽ تي ويھي ٻه سال ۾ 2 ڪروڙ رپيا ھڙپ ڪيا، جاچ ٿيڻ گھرجي.ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي پريالوءِ ٽائون آفيسر آفتاب مغل ٻڌايو ته منھنجو آرڊر سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ صحيح سان ٿيل ۽ اصل آھي، ڪلارڪ گوسڙو آھي، ڊيوٽي تي پابند ڪرڻ تي ڪوڙا الزم ھڻي رھيو آھي.