حيدرآباد / ڀٽ شاهه (فيض کوسو ۽ رجب بوزدار) پ ٽ الف جون مرڪزي چونڊون تڪراري ٿي ويون آهن، چونڊن جي نگران ۽ اليڪشن ڪاميٽي پاران ڌار ڌار نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪاميٽي جي نتيجن موجب ڀٽائي پينل ۽ عدالتي نگران جي نتيجن ۾ لڪي شاهه صدر پينل ڪامياب قرار ڏنو يوو آهي، ان ڏس ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي ۽ عدالت پاران انڊسٽريز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي نگران بڻايل عملدار پاران الڳ الڳ چونڊ نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن. عبدالخالق ڀنگوار جي سربراهي ۾ قائم ٿيل اليڪشن ڪاميٽي جي نتيجن مطابق ڀٽائي پينل کي ٽن سالن لاءِ چونڊن ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. حتمي نتيجن تي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ اليڪشن ڪاميٽي جي سيڪريٽري جون صحيحون ٿيل آهن . اليڪشن ڪاميٽي چونڊن لاءِ قائم ڪيل ٻن بوٿن جا الڳ الڳ نتيجا به پڌرا ڪيا آهن جن ۾ بوٿ نمبر هڪ جي نتيجن مطابق چونڊن ۾ ڀٽائي پينل ان بوٿ مان 90، لڪي شاهه صدر پينل 100 ۽ استاد پينل جو هڪ ووٽ ظاهر ڪيو ويو آهي. 7 ووٽ بوٿ نمبر هڪ مان خارج ڏيکاريا ويا آهن. بوٿ نمبر 2 جا جيڪي نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن تنهن تحت ان بوٿ مان ڀٽائي پينل 85 ۽ لڪي شاهه صدر پينل 73 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته استاد پينل کي ڪو به ووٽ ملي نه سگهيو. اليڪشن ڪاميٽي جي ٻنهي پولنگ بوٿ جي جوڙيل نتيجن کي گڏائجي ته ڀٽائي پينل جا 175، لڪي شاهه صدر پينل جا 173 ۽ استاد پينل جو صرف هڪ ووٽ ٿئي ٿو. مجموعي طور ٻنهي بوٿن ۾ خارج ٿيل ووٽن جو انگ 9 آهي. هوڏانهن عدالت پاران مقرر ڪيل نگران جهانگير ميمڻ جيڪي نتيجا ظاهر ڪيا آهن انهن مطابق لڪي شاهه صدر پينل کي 179، شاهه ڀٽائي پينل کي 175 ۽ استاد پينل کي صرف هڪ ووٽ مليو آهي جڏهن ته خارج ٿيل ووٽن جو انگ 3 ڏيکاريل آهي. رابطو ڪرڻ تي جهانگير ميمڻ جو چوڻ هو ته چونڊون سندس نگراني ۾ ٿيون آهن ۽ حتمي نتيجا پڌرا ڪرڻ جو اختيار کيس ئي آهي. اليڪشن ڪاميٽي رڳو ان ڪري قائم ٿيل هئي ته جيئن اها ڊويزن سطح تائين چونڊون ڪرائي. هاڻي اليڪشن ڪاميٽي کي خط لکي هدايت ڪئي ويندي ته هو ڪامياب پينل جي عهديدارن کي چارجون ۽ حساب ڪتاب حوالي ڪري. پ ٽ الف جي اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار جو چوڻ آهي ته پ ٽ الف جي آئين تحت چونڊون اليڪشن ڪاميٽي کي ڪرائڻيون هيون جڏهن ته انڊسٽريز کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر صرف آبزور مقرر ٿيل هو. کيس آئيني لحاظ سان نوٽيفڪيشن نه ڪرڻو آهي. تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزنن جي چونڊن جا نوٽيفڪيشن مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جاري ڪيا آهن ته پوءِ مرڪزي چونڊ جو نوٽيفڪيشن نگران ڪيئن ٿو جاري ڪري سگهي. هن انڪشاف ڪيو ته جيڪي بوٿ وائيز نتيجا ظاهر ڪيل آهن انهن تي خود نگران جي صحيح ٿيل آهي ۽ هو پنهنجي ان صحيح کان ڪيئن ٿو ڦري سگهي. ٻئي پاسي ڀٽائي پئنل جي حاجي شفيع محمد سٺيو جھانگير ميمڻ جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيوآھي سندس چوڻ آھي ته اليڪشن ڪاميٽي اسان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيوآھي، جھانگير ميمڻ جي نوٽيفڪيشن جي ڪا به حيثيت نه آھي. هوڏانهن لڪي شاھ صدر پئنل جي صدارتي اميدوار غلام رسول مھر اليڪشن ڪاميٽي جي نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آھي ته اليڪشن ڪاميٽي جو ڪم ڊويزن، ضلعن ۽ تعلقن جي اليڪشن ڪرائڻ ھو.