پاڪستان کي ڪمزور نه ٿا سمجهون: پيٽ ڪمنز، آسٽريليا کي ٽف ٽائيم ڏينداسين: بابراعظم

0
211
پاڪستان کي ڪمزور نه

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ شروع ٿيندي. ان حوالي سان ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن پاران ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مهمان ٽيم آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ 3 رانديگرن جي نه هئڻ باوجود هن کي ڪمزور نه ٿا سمجهون

پيٽ ڪمنز وڌيڪ چيو ته پنڊي اسٽيڊيم جون پچون ڏسي فائينل اليون جي چونڊ ڪنداسين. امڪان آهي ته 2 اسپنر ۽ 3 فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهون. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڊيم ۾ فل ڪرائونڊ اڳيان کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي

هتان جي پچن تي گاهه ناهي پر سٺيون آهن. هوڏانهن قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهمان ٽيم کي ٽف ٽائيم ڏينداسين ۽ ڀرپور فائٽ ڪري نتيجو ڏينداسين. بابراعظم چيو ته هوم سيريز جي اهميت ڄاڻون ٿا، 2 رانديگر ان فٽ ٿيا، هڪ کي ڪورونا ٿيو پر اهو راند جو حصو آهي، پروفيشنل رانديگرن جو هڪ فارميٽ مان ٻئي ۾ وڃڻ ڏکيو ناهي هوندو

\قومي ڪپتان چيو ته وڪيٽ ڏسي فائينل اليون جو فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته آسٽريليا کي آسان نه ٿو وٺي سگهجي پر اسان پنهنجو مومنٽم قائم رکنداسين ۽ مهمان ٽيم کي ٽف ٽائيم ڏينداسين.  هن چيو ته فاسٽ بالر ضروري آهن پر اسپنرن جو ڪردار به اهم آهي