جاپان: 10 ميٽر کان وڌيڪ ڊگهو پُڇ رکندڙ ناياب ڪڪڙ

0
603
ميٽر کان وڌيڪ

جاپان(دلچسپ نيوز) جاپان ۾ ڪڪڙ جو هڪ ناياب نسل اهڙو آهي جنهن جو پُڇ 10 ميٽر کان به وڌيڪ ڊگھو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪڪڙ جي هن ناياب نسل کي اوناگادوري (مقامي ٻولي ۾ هڪ معزز پکي) سڏيو ويندو آهي ۽ اهو پنهنجي غير معمولي ڊگهي پُڇ جي ڪري مشهور آهي. جاپاني قومي خزانو سمجهيو ويندڙ 17 نسلن مان اوناگادوري واحد نسل آهي جنهن کي خاص حيثيت حاصل آهي

جڏهن ته چيو ويندو آهي ته 1952ع ۾ جڏهن کان ان کي اهڙو درجو مليو هو ته ان نسل جي پکين ۽ آنن جي برآمد تي پابندي هئي ان لاءِ به هي ناياب آهي.  ڊگهي پڇ وارن ڪڪڙن جي تاريخ هزارين سال پراڻي به ٿي سگهي ٿي پر چيو ويندو آهي ته اوناگادوري نسل سترهين صدي ۾ جاپان جي صوبي توسا ۾ شنڪوڪو ٻيٽ تي پيدا ٿي هئي

هن نسل جي ڪڪڙن جو پڇ گهٽ ۾ گهٽ 1.5 ميٽر ڊگھو هجڻ گهرجي، جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته انهن جو پڇ هر سال 90 سينٽي ميٽرن تائين وڌي سگهي ٿي