پارڪ ۾ لڳل ناڪارا فون بوٿ به چوري ٿي ويو

0
167

ڪولوراڊو(دلچسپ نيوز) پارڪ ۾ لڳل ناڪارا فون بوٿ به چوري ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڪوپ ۾ هڪ يادگار پر ناڪارا ٿي ويل فون بوٿ جي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهو فون بوٿ 50 سال اڳ پيٽرول پمپ سان گڏ لڳايو ويو هو، پيٽرول پمپ بند ٿيڻ بعد فون بوٿ ڳوٺ جي پارڪ ۾ منتقل ڪيو ويو هو. ڳوٺاڻن موجب موبائل فون عام ٿيڻ بعد فون بوٿ جو استعمال بند ٿي ويو هو جنهن سبب اهو ناڪارا ٿي ويو هو، هنن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ظالم اهو يادگار فون بوٿ به چوري ڪري ورتو آهي، فون بوٿ چوري ٿيڻ سبب هاڻ پراڻي يادگار کان محروم ٿي ويا آهيون. واضح رهي ته فون بوٿ ڳوٺاڻن جي تفريح بڻيل هو اڪثر نوجوان فون بوٿ اڳيان بيهي تصويرون ۽ سيلفيون ڪڍندا هئا