“سسئي ۽ سُور”

0
710
ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو

جڏهن گهري مايوسي ذهن تي طاري ٿي وڃي، دل درد سان ڀرجي وڃي، من مندر ۾ اوندهه جو راڄ هجي، اکين ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳن، ان مايوسي، پيڙا ۽ درد جي ڪيفيتن مان نڪرڻ لاءِ منهنجا هٿ هميشه شاهه جي رسالي ڏانهن کڄي ويندا آهن. نوري، مارئي، مومل، سورٺ ۽ سهڻيءَ کان ٿيندي منهنجي پناهه گاهه سسئي بڻبي آهي.

سسئي، جيڪا اڪيلي ڏونگر ڏوريندي، درد کي ساٿي بڻائي سُور ساڻ کنيون هلندي به رهي ٿي ۽ روئندي به رهي ٿي پر همت نه ٿي هاري. سسئيءَ وٽ غير معمولي جرئت، همت ۽ حوصلو هو، هوءَ هڪ عام عورت وانگر پنهون جي جدائي ۾ تڙپي ٿي، ڀنڀور هن کي دوزخ لڳڻ لڳي ٿو.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون،

يا چوي ٿي

پڄاڻان پرين ڪجي بس ڀنڀور کان

هوءَ مايوس ٿي ويهي رهڻ کان اڻڄاڻ رستن تي پنهونءَ جي پيرن جا نشان تلاش ڪرڻ نڪري پوي ٿي. ان وقت هوءَ همت ۽ حوصلي جو اُهڃاڻ بڻجي پوي ٿي. پنهون کي پڪاري ٿي؛

واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،

جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،

لڳي لُڪَ لطيف چئي، معذورن مٿاءُ،

اُتي اوڏو آءُ، جت هوت هيڪلي آهيان.

لطيف سائين سسئي جي سورن کي پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي. سسئي جو اڻانگهو پنڌ، راهن کان اڻ واقفيت ، جت وڏا وڏا وڻ ۽ نيلا نانگ آهن اُتي سسئي اڪيلي آهي، لطيف چئي ٿو؛

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،

اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،

جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رسج، رهبر راهه ۾.

يا هينئن چوي ٿو؛

ويچاريءَ وڻڪار اڳ نه ڏٺو ڪڏهن،

سسئي اڳيان خوفناڪ رستا آهن، ڪو ساٿي ۽ رهبر ڪونه اٿس، هيڪلي، هيڪلي هلندي رهي ٿي، پيرين اگهاڙي. هُن جي اندر مان درد ڀريون دانهون نڪرن ٿيون؛

ڏونگر ڏوراپو پهريون چونديس پرينءَ کي

پهڻ پير پُٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،

رحم نه پيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،

واڪا ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.

سسئي وٽ درد آهي، پيڙا آهي، تڙپ آهي ۽ پنهونءَ لاءِ بي انتها سڪ، ان سڪ ۾ هوءَ پهاڙي پنڌ تي هيڪلي هلي پئي آهي. اڳيان پهاڙ رڪاوٽون وجهن ٿا، هُن جا پير پٿريلي رستي تي هلڻ ڪري رتورت ٿيڻ لڳن ٿا ته هوءَ رڙ ڪري ٿي؛

ڏونگر! ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،

گهڻو پُڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،

تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پيرَ ڏکوئين؟

سسئي مسلسل اذيتن مان گذري ٿي، اڳيان ڏکيا ڏونگر آهن، ڀٽائي ان اذيتناڪ ڪيفيتن کي پنهنجي بيتن ۾ اهڙي طريقي سان بيان ڪيو آهي جو دل درد سان ڀرجي وڃي ٿي.

ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايون ڪرين،

ڏونگر! ڏک سنداءِ پرينءَ گڏجان ته چوان،

ڏونگر! ڏکوين کي ڳل نه سُڪا ڳوڙها

ڏونگر کي ميارون ٿي ڏي، ڳوڙها ٿي ڳاڙهي ۽ چوي ٿي پرين گڏجي ته ڏونگر تنهنجا ڏک ان کي ٻڌايان. همت گڏ ڪري ٿي، ڏونگر سان مخاطب ٿئي ٿي؛

تپي ڪندين ڪوهه؟ ڏونگر! ڏکوين کي،

تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه

ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪيو.

هيڻي، ڪمزور ۽ ٿڪل سسئي هونئن ته هڪ عام عورت وانگر روئي رڙي ٿي پر هُن جي غير معمولي همت هُن کي عظيم بڻائي ٿي. پنهونءَ جا پيرا کڻندي سج به اچي لهڻ لڳو آهي تڏهن سسئي جي همت جواب ڏيڻ لڳي ٿي،

آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج،

سج کي ڏوراپا ڏي ٿي، ان کي پنهونءَ لاءِ نياپو ڏي ٿي؛

آءُ جي ڏين سنيها، نيئن پريان کي ڏج،

وڃي ڪيچ چئج ته ويچاري واٽ مئي.

پرينءَ سان نه گڏجڻ جو ڏک هُن جي اندر کي اڌواڌ ڪري ڇڏي ٿو.

آءُ نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساهه.

آءُ نه گڏي پرينءَ کي آيو عزرائيل.

سسئي جون دردناڪ دانهون ٻڌي جبل، وڻ ٽڻ ۽ مرون هُن سان ماتم ۾ شريڪ ٿين ٿا؛

ڪي جي ڪڍيا پار، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،

سسئي سا تنوار مرون پيا مامري.

ڀٽائي بيان ڪري ٿو ته؛

ٻئي ويٺا روئن ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،

ڪنهن کي ڪين چون، منجهن جو پريتڻو.

درد سسئي جي جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي. هُن جون آهون ۽ دانهون ٻُڌي ڏونگر هُن سان گڏجي روئن ٿا ۽ مرون ماتم ڪن ٿا. جيڪي ڏونگر هُن کي ڏکوئي رهيا هئا ۽ هُن جي پيرن کي پٿون ڪري رهيا هئا سسئي جي سورن ۽ رڙين دانهن ٻُڌڻ کانپوءِ انهن جي هُن سان پريت ٿي پئي آهي.سسئي جي ڏک ۾ سڀ ڏکوئجي وڃن ٿا. سسئي جو درد پنهنجون حدون ٽپي هاڻي هُن لاءِ راهون هموار ڪرڻ لڳي ٿو. درد به هن جو ساٿي بڻجي پوي ٿو، سور هُن کي پرين جو گس ڏيکارين ٿا.

ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو.

هاڻي سسئي هيڪلي ناهي، ڏکن هُن جي رهنمائي ڪري پرينءَ جو گس ڏيکاريو آهي. پنهون هڪ مقصد ۽ منزل بڻجي پوي ٿو جنهن ڏانهن ويندي سڀ سُور هُن جا ساٿي بڻجي پيا آهن، سورن جا سسئي وٽ وٿاڻان آهن. چوي ٿي؛

مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن

مون وٽ وٿاڻان.

انهن سڀني سورن هڪ نئين سسئي کي جنم ڏنو آهي. جنهن لاءِ ڏک هاڻي تڪليف جو سبب نه ٿا بڻجن پر هُن جي لاءِ راهن جا پٿر هٽائيندا ٿا وڃن. هُن جي راهه صاف ڪندا ٿا وڃن. هاڻي هوءَ ڏکن کي اپنائي ٿي ۽ انهن ڏکن تان سُک گهوري ڇڏي ٿي.

ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ،

هاڻي هوءَ ڏکن کي به سُک ڀانئڻ لڳي ٿي؛

ڏاگهن، ڏيرن ڏونگرن ٽنهين ڏنم ڏک،

سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.

ڏکن جي رهبري ۾ هوءَ هڪ نئون فرد بڻجي پئي آهي. هوءَ پاڻ سان روح رهاڻيون ڪرڻ لڳي ٿي.

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪي ڪيچن ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي ته سور هئا.