صاحبو تختي ڪٿي آهي !؟

0
343
گهر ڌڻي چورن جو پيڇو ڪندا !؟

اها لاهور جي نومبر مهيني جي  دلڪش شام اڃان مونکان وسري نٿي مان تاريخي منٽو پارڪ کان سڌو شاهي قلعي آيو هئس. قلعي جي دروازي جي ڀرسان سکن جي عبادت گاهه گوردواري جي دروزاري تي پوليس جي ٻن موبائلن  سان گڏ درجن کن سپاهي پھرو ڏيئي رهيا هئا. گوردواري جي در وٽ هڪ وڏي پٽڪي واري سک کي لڳ ڀڳ چوڏهن سالن جي عمر واري ٻار سان  سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌم ته مونکان رهيو نه ٿيو. چقمق جيان انهن مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو . رسمي  دعا سلام کان پوءِ هنن ٻڌايو ته هو گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلي جا آهن ۽ ننڪانه صاحب وڃڻ لاءِ نڪتا آهن. مون چيو ڇا مونکي اوهان گوردوارو گهمائي سگهو ٿا. هنن ها ۾ ڪنڌ لوڏيو مان هنن سان گوردواري جو در ٽپي وسيع صحن ۾  پهتس پوءِ خبر ناهي ڇو منهنجا پير سنگ مري صحن ۾ ئي رڪجي ويا. مان ڀاڪر پائي  وڏي پٽڪي واري سک ۽ ننڍي ٻار  کان موڪلائي ٻاهر آيس. مونکي تاريخي عمارتن سان بي پناهه محبت آهي پر مونکي عباتگاهن ۾ ويندي هٻڪ ٿيندي آهي.

 گوردواري جي در سان ئي ٻارن جي رانديڪن، آرٽيفيشل زيورن ۽ چاٽ، ديهي بڙن جا اسٽال لڳل هئا انهن جي ئي ڀرسان هڪ  اڌڙوٽ عمر جو  ماڻهو بانسري وڄائي رهيو هو ان جي سامهون سوين بانسريون وڪري لاءِ موجود هنيون. مونکي شاهي قلعي ڏانهن وڃڻو هو پر بانسري جي سريلي ڪوڪ  تي مان ان اڌڙوٽ عمر واري ماڻهو آڏو ڄمي بيهي رهيس. اڃان بانسري جي آواز ۾ مان گم هئس ته هڪ نوجوان سامهون بيهي پنجابي ٻولي واري لهجي ۾ اردو ۾ اچي چيو.“ صاحب اگر آپ شاهي قلعه ديکنا چاهتي هو تو آپ ڪو مين اپنا قيمتي وقت دي سڪتا هون”. ھن  پنجاب جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران اهڙو اجازت نامو ڏيکاريو جيڪو ڪارڊ جي شڪل ۾ هن جي ڳچي ۾ بلو رنگ جي ربن سان  ٽنگيل هو.

مان بانسري جي آواز جي مدهوشي ۽ يادن جي ريشمي ڄار مان اڃان مڪمل نڪري نه سگهيو هئس ته نوجوان  وري چيو “صاحب شاهي قلعي ڪي تاريخ سمجهانا اور قلعي ڪا هر حصه دکاني ڪا ڪام مين فقط دو هزار ليتا هون. بس آپ خوشي خوشي مجهي دو هزار دي دينا.”

منهنجي خاموشي تي هن بارگينگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ آخر ۾ ٻه سو تي اچي بيٺو. اڄ ئي صبح جو مون لاهور جي مشهور  ڦجي جي پاون  جي دڪان جي ڳولا ۾ جڏهن ڳاڙهي بازار وٽان لنگهندي  هارميونم ۽ طبلن جا دڪان ڏٺا هئا ته مان انهن دڪانن ۾ موجود سازن جي ڪاريگرن ۽ سازن کي حسرت مان ڏسندو رهيس. ڪجهه سالن کان مون گهر ۾ ننڍڙو ميوزيم جوڙيو آهي جنهن ۾ ٿر جي مشهور ڳائڻي حيدر رند جو هارميونم ۽ سيوهڻ جي مشهور ڍولڪ نواز ڪاري فقير جي ڍولڪ موجود آهي پر مون وٽ طبلن جي جوڙي نه هئي مون سوچيو لاهور جي لال بازار جا پراڻي دور جا طبلا خريد ڪريان جن طبلن جي  تال تي ڪڏهن لاهور جي باليءَ پنهنجا پير کنيا هجن. ان ناچڻي جي ادائن ۽ گهنگهرن جي آواز سان ميل ڪندڙ طبلن جي تال تي نه رڳو لاهور جي  لال بازار پر خيرپور جو والي مير علي نواز ناز به پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي خوشي خوشي واپس ٿيو هو.  لاهور ته نوخيز بالين  جي ناچ جي هر ادا تي اڃان به  ساهه ڏيڻ جي لاءِ وهنجيو سنهجيو تيار بيٺو آهي.طبلن ۽ گهنگهرن جي  گڏيل ردم مان پيدا ٿيندڙ موسيقي لاهور جي هر ماڻهو ۾ اڄ به اوهان کي محسوس ٿيندي. لاهور جي ٺڳ کان وٺي دلال، بزنس مين، توڙي اديب ۽ صحافي سان اوهان ڪڏهن گفتگو ڪري ڏسو اوهان کي انهن جي گفتگو ۾ موسيقيءَ واري رواني ملندي.

شاهي قلعي جي در وٽ بيٺل نوجوان ٻيهر چيو صاحب “چلين”. مان لاهور جي لال بازار جي سازن جي دڪانن واري سوچ مان نڪري نوجوان سان گڏ هلڻ شروع ڪيو.

شاهي قلعي جي دروازي تي نوجوان مونکان قلعي ۾ اندر وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ لاءِ پيسا گهريا ايئن قلعي جي دروازي تان ئي  ننڍڙي شٽل ۾ چڙهي اسان شاهي قلعي جي اندر داخل ٿياسين. پوءِ نوجوان اڌ ڪلاڪ جي مختصر وقت ۾ شاهي قلعي جي تاريخ ٻڌائي قلعي کان مونکي واپس وٺي آيو پر ان نوجوان کي مون پنهنجي ماضيءَ سان ۽ پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ ورثي سان پيار ڪندڙ انسان طور محسوس ڪيو. هن ان دوران منهنجي فوٽو گرافر جا فرض به انجام ڏنا ۽ مونکي مرڪي چوندو رهيو “صاحب قلعي ڪي ديوارين بهت ڪمزور هين هاٿ سي ڇوني سي ان ڪو نقصان پنهچني ڪا خدشا هي”. شاهي قلعي جي دروازي تي مون هن کي طئه ٿيل ٻه سو جي جڳهه ته  اجوري ۾ پنج سو جو نوٽ ڏنو ته هن وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو“صاحب چٽا نهين هي ” .

 لاهور سچ ته ثقافتي طور وڏو شاهوڪار شهر آهي. لاهور جي حڪمرانن لاهور جي ثقافت، تاريخ ۽ ڪلچر کي سنڀالڻ ۾ ڪابه قصر ناهي ڇڏي. لاهور شهر  پنجابين جي تاريخي ورثي جو جيئرو جاڳندو ميوزيم چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. هنن جي ڪلچر کاتي ته حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. نه فضول ميلن جو نماءُ نه اديبن، شاعرن جي خريدوفروخت تي سيڙپ. هنن جيڪا شاهي قلعي جي ڀرسان ڪلچرل فوڊ اسٽريٽ ٺاهي آهي سا سج لٿي کان پوءِ انڊلٺي رنگن سان رڱجي وڃي ٿي. ان فوڊ اسٽريٽ لاءِ چون ٿا ناچڻين جي ڪوٺن کي رڳو ان ڪري خريد ڪري جوڙيو ويو جيئن اهي پنجاب جي ثقافت جا اهڃاڻ ڪوٺا سڀاڻي ڪو ڊاهي سيمينٽ ۽ ڪنڪريٽ جي ٺهيل پلازائن ۾ تبديل نه ڪري سگهي. لاهور جي مهانگي ترين ڪاروباري ۽ ثقافتي علائقي ۾  جتي شاهي قلعو هجي تاريخي منٽو پارڪ، مينار پاڪستان، ريلوي اسٽيشن، انارڪلي ۽ اردو  بازار هجي اتي انهن ناچڻين جي ڪوٺن کي محفوظ رکڻ جو ڪم فقط پنجاب حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي. اسان سنڌ وارا بنھه مختلف آهيون اسان حيدر آباد شهر کي سنڌ جو ثقافتي شهر ته سڏيون ٿا پر حيدر آباد شهر جي تاريخي پڪي قلعي کي به محفوظ نه ڪري سگهيا آهيون، سري گھاٽ جي بازار جتي ستر واري ڏهاڪي تائين به شام ٿيندي عطر جي خوشبوءَ جي مهڪ هوائن سان گڏ رستن کي مهڪائڻ شروع ڪندي هئي ، گُهنگهرن ، طبلن ۽ هارمونيم جي آواز جو سنگم  فضائن ۾ جڏھن ٻُرندو هو ته سڌڙيا به اڌڙيا ساڻ کڻي ڪوٺن جي دروازن ڏانهن هليا ويندا هئا. ڪوٺن ۾  رڳو پڪي راڳ ۾  ٺمريون نه ڳايون وينديون هنيون پر دل کي ڇهندڙ  غالب جا غزل به ڳايا ويندا هئا. پر اهو سڀ  سنڌ جو ماضي آهي سنڌ جو حال بي حال آهي ۽ جي حال ۾ اوهان جو اتساهيندڙ ڪردار ناهي  ته اوهان جو مستقبل به اونداهو آهي.

اوهان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏٺو ته سنڌ جي آزاد وطن جي  اهڃاڻ پڪي قلعي جو جڏهن تاريخي مکيه دروازو قديم آثارن جي کاتي ۾  ڀرتي ٿيل سفارشي ماهرن جي چوڻ تي مرمت جي نالي ۾ ڪوڏرن ۽ ٽيڪمن سان ڊهڻ شروع ٿيو  ته دروازي جو مکيه محراب وارو دروازو ڌڙام سان اچي ڪريو.بظاهر اهو چيو ويو ته پڪي قلعي جي مکيه دروازي جي مرمت ڪئي پئي ويئي پر پاڻ کي خبر آهي ته هٻڇي بيورو ڪريسي جي من ۾ ڪجهه ٻيو هوندو آهي، مکيه دروازي کي ھٿ وٺي ڪيرايو ويو ويو جيئن ان کي ٻيهر وڏي لاڳت سان جوڙيو وڃي. حيدر آباد جي ضلعي انتظاميا به پنهنجي رپوٽ ۾ قلعي جي مکيه دروازي کي قديم آثارن جي کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدار پاران ھٿ سان ڊاهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

1769ع ۾ سنڌ جي حاڪم غلام شاھه جي دور ۾ جڙندڙ پڪو قلعو ورهاڱي کان پوءِ مقبوضه قلعو بڻيل آهي. هي قلعو ڄڻ ستيتاليهه ۾ ايندڙ ماڻهن فتح ڪيو هجي جو هو فتح ٿيل قلعي مان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن.

پڪو قلعو جنهن جي مکيه دروازي تي سنگ مرمر جي تختي تي لکيل هو ته (اي مالڪ هن شهر کي امن وارو ڪر)

پڪي قلعي تي قبضو ڪندڙن سنڌ سرڪار کان ٻه ڀيرا معاوضا به ورتا آهن پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود سنڌ سرڪار پڪي قلعي تان قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ تيار ناهي. لاتعلق بڻيل سنڌ جي آثار قديمه جي کاتي کي شايد اها به خبر نه هوندي ته اسٽيشن روڊ کان ٽيون نمبر تلاءُ ۽ گرونگر، جي پاسي هاڻي پڪو قلعو ڊهڻ شروع ٿيو آهي.

قبضو ڪندڙ، ڏاڍن مڙسن پڪي قلعي جي چوگرد کوٽائي ڪري سوين دڪان جوڙي ورتا آهن. ورهاڱي کان پوءِ پڪي قلعي کي عارضي طور مهاجر ڪيمپ ۾ تبديل ڪيو ويو هو پر پوءِ اها مهاجر ڪيمپ قلعي جي مستقل رهائشي ٿي ويئي جنهن ڪري قلعي ۾ وڏي تعداد ۾ مقيم ماڻهن جي ڊرينيج سسٽم قلعي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ته حيدر آباد جو پڪو قلعو هاڻي پنهنجي ڪمزرو حالت جي ڪري ڪجهه وقت جو ئي مهمان آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي قلعو اڳتي هلي صفحه هستي تان ئي مٽجي ويندو.

سنڌ جي قديم آثارن جي کاتي وٽ پڪو قلعو سياسي مسئلو آهي جنهن تان هو فقط ان ڪري قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن ڇاڪاڻ سنڌ حڪومت لاءِ ڪو سياسي مسئلو پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. پر اها سياسي مصلحت فقط حڪومت جي ٿي سگهي ٿي پر  مان حيران آهيان ته سنڌ جا اديب، تاريخي ماڳن جا ماهر، سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا متحرڪ ماڻهو به پنهنجي تاريخي ورثي جي مالڪي ڪرڻ جي لاءِ رڳو ان ڪري تيار ناهن جو انهن جا ثقافت۽ قديم آثارن جي کاتي جي  وزير صاحب سان تعلقات خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

مان سمجهان ٿو ته اسان سڀني کان وڌيڪ  ته لاهور جو اهو ٽوئرسٽ گائيڊ  باضمير آهي جيڪو شاهي قلعي جي ديوار کي به هٿ لاهڻ کان منع ڪندي چوي ٿو صاحب ھي اسان جو تاريخي قلعو آهي هن کي هٿ سان ڇهڻ سان هيءَ قديم ديوار ڀُري پوندي.

هتي ته  قديم پڪي قلعي جو مکيه دروازو ڪري پيو پر  سڀ صاحب اڃان تائين ننڊ ستل آهن. سڀاڻي پڪو قلعو مٽيءَ دوز ٿيندو تڏهن به اسان لاتعلق هونداسين. اسان ته پڪي قلعي جي در تي لڳل ان سنگ مر مر جي تختي جي به پڇا نٿا ڪريون جنهن ته قلعي جي تاريخ 1182 ھه يعني 1769ع لکيل هئي .

جي اها تختي گم ٿي سمجهي وٺو ته اوهان جي سنڌ جي هڪ دور جي پوري تاريخ گم ٿيندي. پڪو قلعو سڀاڻي هجي نه هجي شايد مصلحتن جي ماريل هن نسل کي ان جي پرواہ نه هجي پر سڀاڻي جا نسل جڏهن حيدر آباد جي گم ٿيل  پڪي قلعي جي تاريخ جا پيرا کڻندا ته اسان  جون قبرون انهن جي حقارت سان ڀريل اکين کان محفوظ نه رهنديون نه ئي اسان لاءِ ايندڙ نسل جي زبان مان ڪي چڱا تعريف ڀريا ٻه  لفظ به نڪرندا.