اسلام آباد: حڪومت پاران ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام وارين ڪوششن خلاف صحافتي تنظيمن جو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪالهه به تائين ڌرڻو جاري رهيو، مخالف ڌر سان  تعلق رکندڙ پارٽين جا سربراهه شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا يڪجهتي لاءِ صحافين وٽ پهتا، جڏهن ته سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ تحت بحالي بعد نيڪالي ڏنل هزارين ملازمن به پارليامينٽ هائوس سامهون ڌرڻو هنيو جنهن ۾ پڻ مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻ پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. تفصيل موجب صحافتي تنظيمن پاران آچر ڏينهن شام 6 وڳي کان پارليامينٽ هائوس ٻاهران هنيل ڌرڻو ڪالهه شام 7 وڳي تائين جاري رهيو، ائين 26 ڪلاڪن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ميڊيا ۽ حڪومت پاران نوڪرين مان فارغ ڪيل ملازمن ۽ صحافين جي ڌرڻي ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ميڊيا اٿارٽي بل زوري پاس ڪرايو ته عدالت وينداسين، هن چيو ته ميڊيا اٿارٽي معاشي ڌاڙو ۽معاشي حملو آهي، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڪارو قانون آهي، جڏهن به ڪو آمر ايندو آهي ميڊيا کي دٻائڻ لاءِ  ڪارو قانون آڻيندو آهي، هن چيو ته حڪومت کي ملازمن ۽ صحافين جي روزگار جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪڍيل ملازمن کي رليف ڏيڻ لاءِ لطيف کوسي کي عدالت موڪلڻو پيو ته موڪلينداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته جتي آمريت هوندي آهي اتي صحافت غلام هوندي آهي، صحافين سان گڏ آهيون،ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي نه پر ميڊيا ڏنڊو اٿارٽي آهي،  اسان سڀ ميڊيا جي آزادي تي متفق آهيون، آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ قانون منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، فضل الرحمان چيو ته اسان جو اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو ارداو آهي، ان تي عمل ٿيندو، هن ڀيري پي ڊي ايم جون پارٽيون مارچ ۾ گڏ هونديون، سمورين پارٽين کي اسان شرڪت جي دعوت ڏينداسين، جيڪي پي ڊي ايم مان هٿ ڪڍي ويا آهن اسان جون آڱريو انهن جي هٿن ۾ آهن اهي فائدو وٺڻ چاهين ته وٺي سگهن ٿا، ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ميڊيا لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، اسان ان ڪاري قانون خلاف ميڊيا سان گڏ آهيون، هن چيو ته نوازشريف جي حڪم تي ڌرڻي ۾ آيو آهيان، حڪومت کي تنبيهه ڪريون ٿا ته ڪارو قانون آڻڻ کان پاسو ڪري نه ته نتيجو ڀوڳڻو پوندو. پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا اٿارٽي ڪارو قانون آهي، ڪنهن به صورت ۾ بل منطور ٿيڻ نه ڏينداسين، هي صحافين جي نه پر پيٺل عوام جي جدوجهد آهي، شيري رحمان چيو ته ميڊيا آزاد نه هوندي ته جمهوريت جو آواز به دٻايو ويندو، پ پ صحافين سان گڏ آهي.عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ زاهد خان چيو ته ميڊيا اٿارٽي بل ڪنهن هڪ طبقي نه پر سڀني جو مسئلو آهي، صحافين سان گڏ آهيون  ۽ گڏ رهنداسين، جماعت اسلامي جي عائشه سيد صحافين جي ڌرڻي کي خطاب ۾ چيو ته پيمرا جي موجودگي ۾ هي اٿارٽي آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ وزيراعظم عمران ۽ فواد چوڌري وڌيڪ ادارا ٺاهڻ بدران موجود ادارن کي مضبوط ڪن. جڏهن ته صحافين جي ڌرڻي ۾ احسن اقبال، مريم اورنگزيب، شازيه مري، مصطفيٰ نواز کوکر، سيده نفيسا شاهه، مولانا اسعد محمود ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي.