اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب دوران مخالف ڌر جي پارٽين جو پلي ڪارڊ  کڻي سخت احتجاج، نعربيازي اسپيڪر  جي روسٽرم جو گهيراءُ، صدر جي ميڊيا تي پابندي ۽ 17 هزار ملازمن کي ڪڍڻ خلاف صدر جي خطاب جو بائڪاٽ، جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي حڪومت گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي صدر جي ڪيل خطاب جي ڪوريج ڪرڻ تي صحافين مٿان پابندي هڻي ڇڏي، تفصيل موجب ڪالهه چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪرڻ لاءِ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي جيئن ئي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب شروع ڪيو ته مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، ايم ايم اي، بي اين پي مينگل ۽ ٻين ميڊيا اٿارٽي ۽ ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ تي سخت احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو، انهن پارٽين جا ميمبر آندل پلي ڪارڊ هٿ ۾ کڻي پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳا، مخالف ڌر جي ميمبرن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي “ميڊيا تي پابندي ۽ حملو نامنظور”، “پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڪارو قانون نامنظور”، “کسي ويو آهي ڪپتان روٽي ڪپڙا ۽ مڪان”، “ميڊيا مارشل لا نامنظور”، “ميڊيا تي پابنديون نامنظور” ۽ ٻيا نعرا تحرير ٿيل هئا، جڏهن ته ان موقعي تي مخالف ڌر جا ميمبر وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ مسلسل ان خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، مخالف ڌر جا ميمبر “ايڪ ٽڪي دو نيازي گو نيازي گو نيازي”، “مڪ گيا تيرا شو نيازي گو نيازي گو نيازي”، “غنڊا گردي جي سرڪار نه هلندي نه هلندي” ۽ ٻيا نعرا لڳائيندا رهيا، مخالف ڌر جي سخت احتجاج، گوڙ، نعريبازي ۽ اسپيڪر ۽ صدر جي روسٽرم جي گهيراءَ سبب ايوان گوڙ ۽ هنگامي جي ور چڙهي ويو، مخالف ڌر جي پارٽين احتجاج ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا تي پابندين ۽ 17 هزار جي لڳ ڀڳ سرڪاري ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ خلاف صدر جي تقرير جو بائڪاٽ ڪري ايوان مان نڪري آيا، مخالف ڌر جي پارٽين جا سمورا ميمبر اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ پارليامينٽ کان ريلي جي صورت ۾ صحافين ۽ سرڪاري ملازمن جي هنيل ڌارڌار ڌرڻي ۾ يڪجهتي لاءِ پهتا. جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي حڪومت گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي صدر جي ڪيل خطاب جي ڪوريج ڪرڻ مٿان صحافين تي پابندي هڻي ڇڏي، پارليامينٽ جي سالن کان ڪوريج ڪندڙ صحافين جا حڪومت جي هدايت تي ڪارڊ روڪيا ويا، پريس گيلري کي تالو هڻائي بند ڪيو ويو، حڪومت جي اهڙي قدم  خلاف صحافي پهريان پارليامينٽ هائوس ۾ چونڊيل نمائندن جي داخل ٿيڻ واري رستي گيٽ نمبر 5 تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جتي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو جاري رهيو، جتان صحافين ريلي جي صورت ۾ پارليامينٽ اندر اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي آفيس سامهون اچي ڌرڻو هنيو، جيڪو گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ختم ٿيڻ تائين جاري رهيو، ان موقعي تي صحافين ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ کي آمراڻو قدم قرار ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين لاءِ پريس گيلري کي تالا هڻائي بند ڪيو ويو، ائين ڪڏهن آمرن جي دور ۾ به ميڊيا سان ناهي ٿيو، اسپيڪر پاران حڪومت جي هدايت تي صحافين کي ڪوريج کان روڪي آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ان موقعي تي “صحافين اسپيڪر کي آزاد ڪيو”، “پريس گيلري کي تالا نامنظور” سميت مختلف نعرا هنيا.

 

اسلام آباد: صدر عارف علوي پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ۾ شفافيت  لاءِ چونڊ سڌارا ضروري آهن،  چونڊ سڌارا بل کي سياسي فٽبال نه بڻايو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن سالن ۾ رڪارڊ تبديليون آيون آهن، ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي، اپوزيشن گوڙ ڪرڻ بدران حقيقتون تسليم ڪري، صدر چيو ته لنگر خانه وڌائي مسڪين ماڻهن کي ماهوار 2 هزار رپيا وظيفو ڏيڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت جون قرض اسڪيمون ته گهڻيون آهن پر جهالت سبب قرض وٺڻ وارا گهٽ آهن، صدر چيو ته انساني حقن بابت ليڪچر ڏيندڙ ملڪ 100 پناهگيرن کي ترسائڻ لاءِ تيار ناهن، پر پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، افغان معاملي تي واويلا ڪندڙ پاڪستان جَي هاڪاري ڪردار کي تسليم ڪن. هن چيو ته دنيا عمران خان جي سياسي ڏاهپ تي ان جي شاگردي ۽ مريدي اختيار ڪري، ڪورونا وائرس سبب دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، صدر مملڪت چيو ته وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن بابت خبر فيڪ نيوز هئي، فيڪ نيوز کان احتياط ڪيو وڃي. هن چيو ته ڀارت پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ ناڪام ٿيندو، دنيا کي مڃڻو پوندو ته پاڪستان دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي.