اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته حڪومتي وزير فوجي قيادت کي سياست ۾ نه گِهـلن، سندن بيانن سان قومي ادارو تڪراري بڻجي ويندو آهي،صحافين جَي ڌرڻي کي خطاب دوران هڪ سوال جَي جواب ۾ بلاول چيو ته، شهباز شريف سميت سمورن اپوزيشن اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن، فضل الرحمان جو احترام ڪيان ٿو، ساڻس ڪي به ذاتي اختلاف ناهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف آهي اهو مختلف وقتن تي اعتماد ۾ وٺندو آهي، هن چيو ته جنهن ايوان مان عمران خان وزيراعظم چونڊيو آهي ان ۾ ان جي اڪثريت نه رهي آهي، جمهوري آپشن استعمال ڪري هن سليڪٽيڊ جو دور ختم ڪري سگهون ٿا، ان موقف تي مخالف ڌر جون پارٽيون  اچي وڃون ته يا عمران خان کي گهر موڪلي ڇڏينداسين يا ايترو ڪمزور ڪنداسين جو اهڙي قسم جا قدم نه کڻي سگهندو.