پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر مملڪت جو خطاب

0
28
بارداني جي شفاف ورهاست ۽ بيوس بڻيل سنڌ انتظاميا

نئين پارلياماني سال جي شروعات تي صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ سياسي جماعتن کي مفاهمت جي تجويز ڏيندي چيو ته اختلافن کي گڏ ويهي حل ڪرڻ گهرجي. صدر مملڪت چيو ته اڄ هڪ نئين باب جي شروعات ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سياسي ماحول جي نئين سر ترتيب ۽ جوڙجڪ ڪري سگهجي ٿي. ملڪ کي موجوده سياسي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اسان حقيقي طور تي ڪوششون ڪريون ته سياسي گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. صدر مملڪت پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئيني فريم ورڪ تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مثبت تعاون ۽ موثر هم آهنگي ضروري آهي. ملڪ کي پيچيده سماجي، ماحولياتي ۽ معاشي چئلينج درپيش آهن. پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي. توڙي جو مسئلا پيچيده آهن پر انهن جو حل ممڪن ناهي. صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. عوام لاءِ صحت جي سهولتن کي بهتر ڪرڻو پوندو. اسان فوڊ سيڪيورٽي طرف وڃي رهيا آهيون. اسان وٽ خوراڪ جي کوٽ آهي ۽ موسمي اثرن جي ڪري اسان جي آمدني گهٽ ٿي رهي آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اهو پڻ چيو ته حڪومت نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽائڻ ۽ ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ لاءِ حڪومت معاشي سڌارا ڪندي. دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي لاءِ خطرو آهي.

پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي شديد گوڙ گهمسان ۽ نعريبازي ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، جيڪا هڪ آئيني ضرورت آهي. اهو خطاب پارلياماني سال جي شروع ٿيڻ تي ڪيو ويندو آهي. صدر مملڪت پنهنجي تقرير ۾ اهم معاملن تي روشني وڌي پر سندن گهڻو زور سياسي سرچاءُ تي رهيو، ته جيئن ڇڪتاڻ واري ماحول ۽ سياسي گرمي پد کي گهٽائي سگهجي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ عروج تي آهي، جنهن ۾ علماءِ اسلام جي قائد مولانا فضل الرحمان به ڏورا ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن. اپوزيشن پارٽين جي اتحاد به هلچل مچائڻ لاءِ وک وڌائي آهي. اهڙي ماحول ۾ سرچاءُ لاءِ سڏ ڏيڻ ۽ گڏ ويهي معاملا حل ڪرڻ جي تجويز تي عمل سان سياسي گرمي گهٽ ٿي سگهي ٿي. هونئن به هر معاملي جو حل ڳالهيون ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي ۽ سياسي ڇڪتاڻ هميشه طالع آزما قوتن کي فائدو ڏنو آهي. صدر مملڪت پنهنجي تقرير ۾ صوبن سان هڪ جهڙي سلوڪ جي پڻ ڳالهه ڪئي. هن وقت ملڪ جا چارئي صوبا ويڇن ۽ وڇوٽين تي آهن. بلوچستان جي هن جاگرافيائي سٽاءَ سان تعلق جي تند ڪمزور ٿي رهي آهي. ڪي پي ڪي وفاق سان ٽڪراءَ ۾ آهي، جڏهن  ته سنڌ به نا انصافين جو شڪار آهي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيوالي جاري آهي، ناڻي ۾ ان کي مناسب حصو نه پيو ڏنو وڃي. ان ڪري صدر مملڪت صوبن سان هڪ جهڙي سلوڪ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر معاملا ڳالهين تائين نه هجڻ گهرجن، عملي طور تي به ان حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي. ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته مضبوط وفاق، صوبن جي اطمينان سان مشروط آهي. صوبن سان نا انصافي ڪري وفاق جو استحڪام نٿو حاصل ڪري سگهجي. صدر مملڪت پنهنجي تقرير ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ان جي معيشت تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ڪئي. اها حقيقت آهي ته دنيا موسمياتي تبديلين سان گڏ جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي پر اسان اڃان به فطرت جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون. اسان نئين ماحول سان گڏ پنهنجو پاڻ کي ٺهڪائي جيئڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتي خوراڪ جي کوٽ جا مسئلا جنم وٺي چڪا آهن.

صدر مملڪت پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي ڳالهه ڪئي، جيڪا ملڪ لاءِ انتهائي ضروري آهي پر جنهن ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو هجي، دهشتگردي عروج تي هجي، بجلي ۽ گئس جا اگهه چوٽ چڙهيل هجن، اتي سيڙپڪار پنهنجي موڙي سيڙائڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچيندا. سيڙپڪارن کي جيڪڏهن آڻڻو آهي ته انهن جي موڙيءَ کي تحفظ وارو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو. صدر مملڪت پنهنجي تقرير ۾ دهشتگردي واري چئلينج جو پڻ ذڪر ڪيو. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماضيءَ جي غلط رياستي پاليسي جي ڪري دهشتگرديءَ کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. ان لاءِ صرف زباني جمع خرچ بدران حقيقي قدم کڻڻا پوندا. نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو.