اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان گهرو وزير شيخ رشيد کي پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ سان ڪامياب ڳالهين تي مبارڪباد ڏني. ڪالهه گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعظم سان ملاقات ڪري ٽي ايل پي سان ٿيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان شيخ رشيد کي چيو ته اوهان بهترين ڪم ڪيو آهي جنهن سبب معاملا بهتر طريقي سان حل ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته ناموس رسالت جي معاملي تي سڄي قوم هڪ آواز آهي، ٽي ايل پي جو مقصد ٺيڪ آهي، پر طريقيڪار درست نه هو.