لنڊن (م ڊ) سينئر صحافين ۽ اينڪر پرسن حڪومت جي ٽي ايل پي سا ٺاهه ۽ اڳواڻن جي آزادي کي سئو جوتا ۽ سئو بصر کائڻ جي برابر قرار ڏنو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي سينئر صحافي حامد مير چيو ته حڪومت ٽي ايل پي سان ڳالهين بعد ٺاهه ڪري سئو بصر به کاڌا آهن ته سئو جوتا به. جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو هو ته ڇهن ڏينهن کان جيڪا ملڪ ۾ بدامني پکڙيل هئي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ حڪومت جيڪي به فيصلا ڪيا اهي بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪيا، حڪومت پي ڊي ايم کان پوءِ تحريڪ لبيڪ کي به انڊر اسٽيميٽ ڪيو ۽ ان تي چڙهائي ڪئي. وڏين پارٽين وٽ عوامي حمايت ۽ ٽي ايل پي جهڙين پارٽين وٽ اسٽريٽ پاور آهي. عامر رانا چيو ته ماضي ۾ به حڪومتون پابندي پيل تنظيمن سان ڳالهيون ڪنديون رهيون آهن، ٽي ايل پي جا مطالبا مڃڻ سان رياست ڪمزور ٿيندي، رياست کي پاليسين تي نظرثاني جي ضرورت آهي.