بيجنگ(م ڊ) چيني صدر شي جن پنگ بو آئو ايشيائي فورم جي 2021 جي سالياني اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته چين ايشيا سان گڏجي اڳتي وڌي رهيو آهي. 20 سالن ۾ ايشيائي ملڪن علائقائي اقتصادي يڪجهتي ۽ اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ اضافو ڪيو آهي جنهن ڪري ايشيا، عالمي معيشت ۾ سڀني کان لچڪدار ۽ اضافي جي صلاحيت وارو علائقو بڻجي چڪو آهي. چيني صدر چيو ته دي بيلٽ اينڊ روڊ هڪ اهڙو روشن رستو آهي جنهن تي ماڻهو گڏجي هلي رهيا آهن، جيڪو به ملڪ ان ۾ دلچسپي رکي ٿو اهو شامل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته 2030ع تائين ”دي بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير سان دنيا جا 76 لک ماڻهو انتهائي غربت، جڏهن ته وڌيڪ 3 ڪروڙ 20 لک ماڻهو وچولي غربت مان نڪري سگهندا. شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته اسان ٻين سان ملي دي بيلٽ روڊ کي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جو رستو ٺاهينداسين ۽ انسان ذات جي گڏيل خوشحالي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏينداسين.































