ٽيم ۾ صلاحيت آهي، تياري لاءِ ڪجهه وقت کپي: شاهين آفريدي

0
205
ٽيم ۾ صلاحيت آهي، تياري لاءِ ڪجهه وقت کپي: شاهين آفريدي
ٽيم ۾ صلاحيت آهي، تياري لاءِ ڪجهه وقت کپي: شاهين آفريدي

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي مسلسل ناڪامين باوجود سٺن نتيجن لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو. نيوزيلينڊ هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز هارائڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ شاهين آفريدي چيو ته شڪست سان فرق نٿو پئي

هر رانديگر محنت ڪري رهيو آهي، ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون، خاص طور بالنگ اميدن موجب نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته هن ٽيم ۾ صلاحيت آهي، وننگ ڪامبينيشن تيار ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت کپي

ماضي جي نتيجن کي ڏسي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو. سندس چوڻ هو ته بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو بهترين بيٽر آهي، هن ٽنهي ميچن ۾ بهترين اننگز کيڏي، جيڪڏهن کيس هڪ اينڊ کان سپورٽ ملي ها ته ميچ ختم ڪري موٽي ها