باڊھه (اسپورٽس نيوز) باڊھه ۾  شھيد عابد جهتيال جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي، جنھن جو پهريون رائونڊ لاڙڪاڻو سپر ڪنگ ۽ ينگ اسٽار باڊھه جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، لاڙڪاڻو سپر ڪنگ ٽيم پهريائين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 رانديگرن جي نقصان تي 96 رنسون اسڪور ڪيون ، جنهن ۾ شفيق احمد 20 رنسون ٺاهي سموري ٽيم جو ٽاپ اسڪورر رهيو، هوڏانهن ينگ اسٽار باڊھه مليل حدف 4 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 8.2 اوورن ۾ پورو ڪري پهريون رائونڊ کٽي ورتو،محمد صفر بهترين بيٽنگ ڪندي 39 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ميچ ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ينگ اسٽار باڊھه ٽيم جي بالر امجد علي کي مين آف دي ميچ ڏنو ويو.