اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) حڪومت پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اليڪشن ۽ مستقبل جو تعين ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير بين الصوبائي رابطه فواد حسن فواد جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ جي اليڪشن ۽ ٻين معاملن تي قانون واري وزارت کان راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪندي پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وزارت بين الصوبائي رابطه ۾ وفاقي وزير فواد حسن فواد جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪا اشرف، سي او او سلمان نصير سميت وزارت بين الصوبائي رابطه جي عملدارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اليڪشن سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نگران حڪومت پي سي بي جي اليڪشن لاءِ قانون واري وزارت کان معاونت حاصل ڪندي، جنهن جي روشني ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو، جڏهن ته پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي پنهنجو ڪم جاري رکندي، ان موقعي تي وفاقي وزير فواد حسن فواد جو چوڻ هيو ته ڪرڪيٽ جي بهتري سڀ چاهين ٿا، طئي ڪيل طريقيڪار تحت مشاورت ذريعي اڳتي وڌنداسين.