ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
125
ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

 سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو، ٽوئيٽر تي ري اسٽور ايس پي ايس سي ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ جئرام داس ميگهواڙ، صدام چانڊيو، سمي ڀٽي، مهوش، نصير ميمڻ، سالار خان راهوجو، اقصيٰ اختر، ڊاڪٽر فريه سيال، مرتضيٰ لغاري، آفتاب حسين راڄپر، خالد حسين، ڊاڪٽر پارس، عائشه خان، لقمان وفا پنهور، وزير احمد ڀنگوار، سميع الله لغاري، زويه اصغر، بيرسٽر ضمير گهمرو، عادل خان، ڊاڪٽر سنبرين تنيو، حمزه رياض، شيراز احمد، حسن علي، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، اصغر علي، آفتاب، فيصل عباس چوهاڻ، محمد اياز، امتياز سومرو، خالق کوسو، ياسر سومرو، سجاد مصطفيٰ، علي حسن قاضي، ابراهيم ڪنڀر، سريش ڪمار، خالد چانڊيو، راحيلا سعديه، وقار هالو، اختر حسين، قاضي راجا خان جوڻيجو، نياز احمد کوسو، ايڊووڪيٽ عبدالغفار مغيري، وحيد چنا، رضوانه ميمڻ، ارباب آريجو، شاهد سولنگي، صمد جوکيو، ڪرشنا، مير ڪامران، عامر لغاري، خالد چانڊيو، ڊاڪٽر نويد ٻرڙو، شوڪت علي ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، شام 6 وڳي تائين 37 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا هئا. ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن،

انٽرنشپ ذريعي ليڪچررن جي ڀرتي نامنظور! سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪري SPSC پاران ڏھه مھينا اڳ ليڪچرارن جي ورتل ٽيسٽ جا نتيجا پڌرا ڪري ميرٽ تي ليڪچرار مقرر ڪيا وڃن.، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته سنڌ جي نوجوانن تي رحم ڪري آئيني اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي لڳل تالو جلدي نه کوليو ويو ته سنڌ جا ڪافي نوجوان عمر وڌي وڃڻ ڪري ھميشه لاءِ سٺي سروس کان محروم ٿي ويندا، سنڌ جي شعور سان کيڏڻ بند ڪري SPSC کي جلد بحال ڪيو وڃي. سنڌ جا نوجوان ۽ نياڻيون ڪميشن پاس هوندي به احتجاج پيا ڪن، مراد علي شاھه صاحب اوهان هڪ ھفتي جو ٽائيم ڏنو هيو ان ھفتي کي مھينو گذري چڪو آهي آخر پبلڪ سروس ڪميشن ڪڏهن بحال ٿيندي؟؟؟؟؟ ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪرڻ بجاءِ ڪرپٽ آفيسرن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ سنڌي نوجوانن جو مستقل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

چيف جسٽس آف پاڪستان کي گذارش آهي ته  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪيس کي جلد کان جلد هلائي سنڌ جي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ڪرڻ جو اعلان نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن وٽ ڪشمور کان ڪراچي تائين احتجاجي مظاهرا ڪرڻ کان علاوه ڪو  ٻيو رستو ناهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معطل ھئڻ ڪري سنڌ جا لکين نوجوان بيروزگار ٿيا آھن نوجوانن جو مستقبل دا تي لڳل آهي، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته هڪ طرف حڪومت استادن کي 33 مارڪس تي پاس ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف ڏينهن رات محنت ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هر مرحلي مان پاس ڪندڙ نوجوانن جا آفر آرڊر روڪي ويٺي آهي. سنڌ ۾ مايوسي جا در بند ڪري مقابلي ۽ ميرٽ جا در کوليو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪيو وڃي.