لائبريري کي سهولت

0
99
لائبريري کي سهولت

  پني عاقل شهر جي مک شهزاد فضل عباسي لائبريري،جيڪا تعلقي جي مختلف علائقن توڙي ڪچي يا پڪي سان سلهاڙيل شاگرد خاص ڪري سي ايس ايس جي تياري ڪندڙن لاءِ اميدن جو محور آھي، اها لائبريري گهڻي وقت کان قائم هجڻ سبب شاگردن جو ان پاسي وڏو لاڙو آھي، پر ڪجهه ڏينهن پهريان شاگردن دانهون ڪيون ته ان لائبريري اندر سهولتن جو فقدان آھي، شاگردن موجب لائبريري ۾  شاگردن وٽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون نه هيون،قهر جي گرمي ۾ هوا لاءِ پکو نه هو، ٻيا به کوڙ اشوز هئا ،اهڙي معاملي جو نوٽيس ڏيارڻ تي ٽي ايم او سجاد سمائر هڙان وڙان ڪري لائبري لاءِ ڪرسيون،پکا،ٿڌي پاڻي جي بندوبست سميت صفائي جا به جوڳا انتظام ڪري ڏنا، جنهن تي شاگردن پاران سرهائي جو اظهار ڪيو ويو آھي، اهڙي ريت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قائم لائبريرين کي سهولتون ڏنيون وڃن. (برڪت جهنڊير جي پوسٽ)