عمران منهنجو گهر ڦٽايو، بشريٰ کيس به ڇڏي ويندي: عامر لياقت جي پِٽَ

0
369
عمران منهنجو گهر ڦٽايو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ڪمپيئر ۽ ايم اين اي عامر لياقت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي سندس شادي ختم ڪرائڻ جو الزام لڳايو آهي. عمران خان بابت آصف زرداري ۽ ملڪ رياض جي ڳالهه ٻول تي رد عمل ڏيندي انسٽاگرام پوسٽ تي هنگاني جا ٻول پوسٽ ڪيا ته مون کي به ڪو لفٽ ڪرائي، ٿورڙي لفٽ ڪرائي، ۽ پوءِ هن چيوته اها عمران خان جي درخواست آهي

عامر لياقت حسين چيو ته تو منهنجو گهر ٽوڙيو آهي دوست، بچندين تون به نه، مان وڃي چڪو آهيان پر توکي بشريٰ بيگم ڇڏي ويندي، سڀ خبر پئجي وئي آهي تو ڪنهن جي ذريعي ڪيترا پيسا موڪلرايا ڇو ته توکي خبر هئي ته هتي پيسن سان ئي ڪم ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته بس هڪ غلطي ڪري ويٺين، پنهنجي حمايت ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ته نه ٺهرائين ها

دعا آهي ته تون ڪڏهن اليڪشن نه کٽين. عامر لياقت لکيو ته لوڌران واري ميان کي ٻڌائي ڇڏ وڌيڪ حمايت جو ڪو فائدو ناهي ۽ 4 نمبرن مان ڪو نمبر نظر رکندڙن کان لڪيل ناهي، دل چوي ٿي ته سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ۾ ڏئي ڇڏيان پر دانيا اڃا تائين منهنجي نڪاح ۾ آهي, عمران ۽ عامر ۾ اهو ئي فرق آهي، عمران بدلو وٺندو آهي، عامر الله تي ڇڏيندو آهي