سوال/سروي وزيراعظم جو رليف پيڪيج ڊرامو قرار: عام واهپي جون شيون سستيون ڪريو: عوام

0
254
سوال/سروي وزيراعظم جو رليف پيڪيج ڊرامو قرار: عام واهپي جون شيون سستيون ڪريو: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ بعد وزيراعظم پاران 28 ارب جو رليف پيڪيج، رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارن کي واڌو 2 هزار ماهوار ملندا، ان رليف پيڪيج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي کي ڏسجي ته ٻه هزار ڪجهه به ناهن، وزيراعظم جو رليف پروگرام لولي پاپ ڏيڻ برابر آهي، ڍونگ ۽ ڊرامو آهي، مهانگائي ڪري نوان پروگرام ڏئي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ان سان ته اسان کي ڪو فائدو نه ٿيندو، عوام کي رليف ڏيڻو آهي ته ڪجهه سستائي ڪريو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ھنن کان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي، عطاءُالله جروار لکيو ته ان پيڪيج کان بهتر هو مهانگائي پيڪيج ڏئي ها جنهن ۾ اٽو  گيھه سميت سامان تي رليف ڏئي ها، قربان ديناري لکيو ته پيڪيج ڍونگ آهي،

شبير سهتو لکيو ته ان پيڪيج بدران اها رقم خزاني ۾ جمع ڪن ها، مولائي اسد ماڇي لکيو ته هن کان مهانگائي ڪنٽرول نه ٿيندي، احمد رضا کهاوڙ لکيو ته پيڪيج صحيح آهي، منظور احمد کوسو لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، محمد بخش لکيو ته سبسڊي ڏين ٿا سرمائيدارن ۽ واپارين کي ته عوام کي سستيون شيون فراھم ڪيو. اھي سبسڊي جا پئسا لاڳاپيل واپاري ۽ ڪامورا کائي وڃن ٿا، خان زرداري لکيو ته عوام کي خوار ڪرڻ جو نئون طريقو آهي، راسومل لکيو ته هي پيڪيج أٺ جي منهن ۾ جيرو وجهڻ جي برابر آھي، مشتاق بروهي لکيو ته عوام کي رليف ملڻ گهرجي، علي اڪبر مري لکيو ته عوام کي رليف ڏيڻو آهي ته ڪجهه سستائي ڪريو، اصغر جمالي، سنتوش ڪمار، عبدالحق لنجواڻي، خالت نوتڪاڻي، غلام رضا راڄپر، واحد بخش نندواڻي، الياس سمون به سروي ۾ حضو ورتو، خاموش خليل شر لکيو ته عوام سان نا انصافي چئبي، پيٽرول وڌائي عوام کي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو آھي ڪو به رليف يا پيڪيج عوام کي صحيح طور ميسر ناهي، بشير ميراڻي لکيو ته هيڏي مهانگائي ۾ صرف ٻه هزار رپيا، اهي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کڻندڙ عورتن جي لاءِ؟، ٻه هزار ۾ ڇا ملندو؟ گل حسن شر لکيو ته بھتر آھي شين کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪجھه ٽائيم ته لڳندو،

محبوب علي جلالاڻي لکيو ته تمام گهڻي مهانگائي آھي ٻن هزارن جي آسري عوام رلي ويو، سدائين لولي پاپ ڏنو ٿو وڃي، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته مهانگائي ڪري نوان پروگرام ڏئي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، جنيد جمالي لکيو ته ڀلي پئسا ورهائن، سليم اختر لکيو ته وزيراعظم جو رليف پروگرام لولي پاپ ڏيڻ برابر آهي، آصف چانڊيو لکيو ته عام واھپي جي شين جا اگھه گھٽ ڪيا وڃن، مهانگائي کي ڏسجي ته ٻه هزار ڪجهه به ناهن، الطاف ملاح لکيو ته عام واهپي جي شين جا اگھ گهٽ ڪيا وڃن مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته مڪمل طور غريب عورتن کي نٿا ملن پئسا اھيو غلط فيصلو آھي، بابر چانگ لکيو ته هن وقت جيڪا مهانگائي ڪئي وئي آهي ان ۾ ماهوار ٻه هزار مٿي ۾ تيل هڻڻ جو به خرچو پورو نه ٿي سگهندو، ظهور خاصخيلي لکيو ته وزيراعظم کي گهرجي ها ته پڪيج ڏيڻ کان بهتر هو ته روزانو وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ھا، هشمت ميرجت لکيو ته اهو پيڪيج نامنظور، شيراز چانگ لکيو ته ان سان ته اسان کي ڪو فائدو نه ٿيندو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته 28 ارب جو پيڪيج صرف بينظير انڪم سپورٽ وارن کي ملندو، کنڊ، گيهه وغيره تي رعايت ڏني وڃِي ها، ساجد حسين لکيو ته آءِ ايم ايف کان وڏي هي بلا آهن،

عبدالحميد کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، ساگر علي رضا لکيو ته عمران خان ۽ شھباز شريف مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن، يعقوب کوسو لکيو ته مري دينو ويو جنهن جي زال مري وئي هاڻ انهي کي انڪم سپورٽ جا پيسا ڪٿان ملندا، ممتاز علي سميجو لکيو ته اهڙا رليف پيڪيج عمران گهڻا پئي ڏنا، زرعي پيڪيج ڏئي زراعت کي هٿي وٺرائي پاڻي ورڇ برابر ڪري ملڪ کي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشيش ڪريو باقي لولي پاپ ڏيڻ بند ڪريو، عرفان سيلرو لکيو ته غريب عوام لاءِ مهيني ۾ 2000 جو اعلان؟  ممتاز ڪنڀر لکيو ته اھو سٺو فيصلو آھي جو غريب عوام جي لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آھي. هريش ميگهواڙ لکيو ته عوامي نفسيات کي سمجھي فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڪاش ڪمار کيمناڻي لکيو ته رليف م سڀ سرڪاري آفيسر هوندا، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته جن کي بينظير جا پئسا نه ٿا ملن انھن غريبن جو ڇا ٿيندو ؟ نادر ابڙو لکيو ته وزير اعظم ٻه هزار جو اعلان ڪري غريب عوام جو مذاق اڏايو آھي، صدام سنڌي لکيو ته هنن کان مهانگائي ڪنٽرول ڪونه ٿيندي،

اسد زرداري لکيو ته اھو سڀ غريب عوام کي بيوقوف بنائڻ جو طريقو آهي، شاهزيب سولنگي لکيو ته اسان کي بس پيٽرول ۾ گهٽتائي کپي، اسد انڍڙ لکيو ته مهانگائي ۾ سڀ پيا پيسجن، ذڪا راهمون لکيو ته ڪرپشن پروگرام آهي، سيف لکيو ته هي اسان جي تذليل ٿا ڪن، وقار حسين لکيو ته ووٽ وٺڻ جي لاءِ اکين ۾ مٽي وڌي پئي وڃي، هنش ڪمار لکيو ته جعلي آهي، علي مقبول احمد لغاري لکيو ته سڀ فراڊ آهي، خالد ڀرڳڙي لکيو ته هي عوام کي بيوقوف ڪرڻ ۾ پورا آهن، يوسف رئيساڻي لکيو ته راشن ۽ خيرات تي وڪامجي ويل قوم سان ائين ئي ٿيڻ کپي، غلام شبير ڪنڀر لکيو ته عوام سان ظلم آهي، شڪيل احمد به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز پنهور لکيو ته وزير اعظم ٻه هزار جو اعلان ڪري غريب عوام جو مذاق اڏايو آھي، اشفاق چانڊيو لکيو ته وڏا ڪي ظالم آھن، ميانداد مري لکيو ته وزير اعظم ٻه هزار جو اعلان ڪري غريب عوام جو مذاق اڏايو آھي، عبدالستار بلوچ لکيو ته اهو پيڪيج نه ڏين، ممحمد صديق لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، اڪبر علي جتوئي لکيو ته هنن مان چڱائي جي اميد ناهي،

رياض احمد بوزدار لکيو ته اهڙو رليف پاڻ وٽ رکن، گلاب چاچڙ لکيو ته اهي به اڃا ڪنهن کي به ناهن مليا عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، عبدالحميد بلوچ لکيو ته 28 ارب پيڪيج ڏيندڙ وزيراعظم 40 ارب جي مني لانڊرنگ الزام ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، عمير شيخ لکيو ته بس ووٽ پڪو ويو، فضل سبزوئي لکيو ته هي ڊرامو آهي، منٺار لغاري لکيو ته اھو به بھترين ڪم آھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪو به رليف ناهي، حاجي خان پنهور لکيو ته عوام جي تذليل آهي، عرض محمد پيرزادو ليکو ته اهڙي رليف جي ضرورت ناهي، ممتاز ڪلهوڙو لکيو ته پهريان ڦرن ٿا پوءِ فائدا ٿيا ٻڌائن، جاويد احمد لکيو ته حڪومت هزار کيس 5 رپيا خرچي پئي ڏئي، وحيد ڄامڙو لکيو ته عوام کي بيوقوف ڪري رھيا آھن، شوڪت هالو لکيو ته ان ۾ ڪو رليف ناهي، مظفر بوزدار لکيو ته غريبن جا ترا نڪري ويا حڪمرانن کي لهر نه لوڏو، ناز ربنواز شر لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.