لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر برگيڊيرئر (ر)  خالد سجاد کوکر ايشيا هاڪي ڪپ ۾ ورلڊڪپ ڪواليفاءِ نه ڪرڻ جا سبب جاڻ لاءِ ٽي رنڪي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اولمپيئن ڪليم الله جي سربراهي ۾ اولمپئن ناصر علي ۽ ڪي پي ڪي هاڪي  ايسوسي ايشن جي صدر ظاهر شاهه کي ميمبر طور کنيو ويو آهي. ڪميٽي هاڪي ٽيم جي وطن واپسي کانپوءِ 20 جون تائين رپورٽ پي ايچ ايف کي جمع ڪرائيندي. رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ياد رهي ته ايشيا هاڪي ڪپ ۾ ڀارت انڊونيشيا کي 16 گولن تان شڪست ڏئي پاڪستان کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته ڀارت سان پاڪستان جو ميچ برابر رهيو هو.