ٽنڊوالهيار ( رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي پٺاڻ ڪالوني ۾ زهريلي لسي پيڻ سبب هڪ ئي گهر جا 8 ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جن کي ڳڻتجي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. لسي پيڻ جي سبب 10 ورهين جو عمران اوڏ ،11 ورهين جو ساجد ، 7 ورهين جو وشال ، 6 ورهين جو سرور، 8 ورهين جي انيشا ،5 ورهين جي سچل، 30 ورهين جي ست ڀرائي اوڏ شامل آهن جڏهن ته واقعي سبب سموري ڪالوني ۾ بيچيني پکڙيل رهي. زهريلي لسي جي متاثرن کي ڪالوني جي رهواسين اسپتال پهچايو ، سول اسپتال جا ڊاڪٽر متاثر ن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي . وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته گرمي جي سبب گهر ۾ لسي ٺاهي وئي جنهن ۾ سانڊي ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.