پنو عاقل/ سلطانپور (نمائندن وٽان) سلطانپور جي سرڪاري ٻيلي کي لڳل باھ تي ضابطو نه اچي سگهيو، ٻيلي جي انچارج محمد شريف بلو مطابق ھن وقت تائين هلندڙ باھ سبب ٽي سئو ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل قيمتي وڻ سَڙي چڪا آهن، جڏهن ته تيزي سان وڌندڙ باھ جو رُخ ٻيلي ڀرسان قائم ڳوٺ عارب انڍڙ طرف وڌي رهيو آهي، جتي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ فائرگيڊ ذريعي باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن پر آخري اطلاعن تائين باهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، ٻيلي کاتي جي آفيسر محمد شريف بلو پنهنجي اخبار کي موقف ڏيندي چيو ته شام کان هلندڙ باھ هن وقت تائين ٽي سئو ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل قيمتي وڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي ۽ خدشو آهي ته اڃا لڳ ڀڳ سئو ايڪڙ ايراضي کي به نقصان ٿي سگهي ٿو فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته رات جي وقت ۽ تيز ھلندڙ باھ سبب ڏُکيائون پيش اچي رهيون