ڪراچي: ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

0
415

ڪراچي: ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر محمد عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ٽارگيٽ ڪلر پوليس تي حملن ۾ ملوث آھي،جوابدار پنھنجي ساٿين ظھير، ڪاشف ۽ صادق سان گڏجي چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي فائرنگ ڪئي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ اھلڪار شھيد ٿي ويا ھئا. جوابدار پنھنجي ساٿين سان پي اين ٽي ڪالوني ۾ به 4 ماڻھو ماريا ھئا ۽ ڪورنگي ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي به قتل ڪيو ھو.