ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل حاجي سوڀو خان چانڊيو ڀرسان ڳوٺ راوتو ڪولهي جي رهواسين گيلو ڪولهي، رائچند ڪولهي، هري ڪولهي، مهيش ڪولهي، بلاول ملاح سميت ٻين ڳوٺاڻن ايس ايچ او مويا خلاف احتجاجي مظاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايچ او مويا جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻه ڏينهن اڳ اسان جي ٻن نوجوانن نورو ڪولهي ۽ امين ملاح ٻنيءَ تي وڃي رهيا هئا ته ايس ايچ او مويا ٻنهي ڄڻن کي پڪڙي مٿن منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن الزام هنيو ته مويا ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ وڏي پيماني تي منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او مويا کي هٽائي اسان جي نوجوانن مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.