شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ واٽر سپلاءِ ذريعي پيئڻ جو گندو پاڻي ڏيڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شبير مگسي، امداد سومرو، سجاد تونيو، رشيد مگسي، آفتاب سومرو ۽ ٻين چيو ته پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي نااھلي ۽ لاپرواھي سبب 4 لک کان مٿي آبادي واري شھدادڪوٽ جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن. هنن چيو ته جيڪو پاڻي ڏنو پيو وڃي اهو پڻ گدلو ۽ واپرائڻ جي لائق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.