مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تان اڻڄاتل همراهه جو چچريل لاش هٿ آيو آهي، کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ لاش پوليس کي هٿ آيو، جنهن کانپوءِ لاش کيبراڻي پوليس تعلقي اسپتال مٽياري ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته روڊ تان لاش هٿ آيو آهي، ان کي ڪنهن گاڏي ٽڪر ھنيو آهي يا وري ڪنهن گاڏي مان ڪري فوت ٿيو آهي، جڏهن ته فوتي جي ڪابه سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي.