ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: عبد الخالق خاصخيلي) ٽنڊو جان محمد لڳ گهر ۾ چانهه نه ٺاهي ڏيڻ تان مڙس زال کي ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، خبر موجب شهر جي وارڊ نمبر 10جي ڳوٺ بالو جا ڪنب ۾ جوابدار ڪرشن ڀيل پنھنجي زال شريمتي پريمي ڀيل کي رات جو ٻه وڳي چانھه نه ٺاهي ڏيڻ تان ڏنڊا ھڻي بيدردي سام قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي مقتول عورت جو لاش اسپتال منقتل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش ھالا کڻاڻي ويا، پوليس فوري ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول عورت جي ڀاءُ جيرام ڀيل جي فرياد تي جوابدار ڪرشن ڀيل خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته پريمي کي مڙس ڪرشن ڀيل چانهه نه ٺاهي ڏيڻ تان ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.