دادو (رپورٽر) دادو شهر جي موندر ناڪو جي رهواسي مينهون خان خشڪ جو پٽ 14 سالن جو نينگر زاهد ڄائي ڄم کان هڪ ڪن هئڻ باوجود ٻڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو، منهن جي ساڄي پاسي کان نينگر کي ڪن جو صرف معمولي نشان جيڪو چمڙي سان مليل آهي ۽ زاهد ساڄي پاسي کان ڪن نه هئڻ ڪري ان پاسي کان گهٽ ٻڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان حوالي سان نينگر زاهد ٻڌايو ته کيس ساڄي پاسي کان ڪن ناهي، جنهن پاسي کان گهٽ ٻڌندو آهي، صرف هڪ ڪن کان ٻڌندو آهيان، والدين ٻڌائيندا آهن ته مون ڄائي ڄم کان ئي منهن جي کاٻي پاسي کان هڪ ڪن آهي، نينگر موجب ته ننڍي هوندي والدين ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر ڪن جو سوراخ نه هئڻ ڪري علاج يا آپريشن کان انڪار ڪيو هو، زاهد ٻڌايو ته جيڪي ماڻهون مونکي پهريون ڀيرو ڏسندا آهن ته حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ۽ مون کي بيهاري بار بار ڏسندا آهن پر مونکي ڪنهن به قسم جو فرق ناهي پوندو، هن ٻڌايو ته کيس 5 ڀائر آهن جيڪي نارمل آهن پر مون کي ڄم کان ئي صرف هڪ ڪن آهي.