ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان ڇريون هڻي قتل، ان  ڏس ۾ ڪورنگي جي سيڪٽر 32 اي ۾ واقع  حضرت بلال مسجد وٽ گھر نمبر ايل 333 ۾ ذاتي تڪرار تان جوابدار رياض پٽ شهزاد ڇرين جا وار ڪري 25 ورهين جي بلاول پٽ بشير احمد کي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويو. مقتول جو لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن