ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب لڳ نانگ ڪکڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، خبر موجب 72 موري اسٽاپ وٽ ڳوٺ پٺاڻ خان بروهي جي رھواسي 30 سالا پورهيت دوست علي بروهي کي پنھنجي زمين ۾ نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي علاج لاءِ پي ايم سي اسپتال نوابشاهه نيو پئي ويو ته هو اسپتال پھچڻ کان اڳ رستي ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جو مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.