ڪنڌڪوٽ /غوثپور (نمائندن وٽان ) غوثپور ٿاڻي جي حد دڙي سندراڻي اسٽاپ وٽان اغوا ٿيل ڳوٺ جان محمد سبزوئي واسي چوپائي مال جو واپاري محمد خان سبزوئي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.هوڏانهن اغوا ٿيل ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان صدام شاهه ۽ امان الله ڀٽي جي رڪشا گبلو ٿاڻي جي حد لوھي پل وٽان پوليس ھٿ ڪري ورتي آهي.وارثن جو چوڻ هو ته صدام شاهه پنهنجي دوست امان الله ڀٽي سان گڏ سواري کڻي ڪنڌڪوٽ کان بخشاپور ويو ته واپس نه موٽيو.ايس ايس پي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪي اغوا ٿيا آهن انهن تي ورڪ هلي پيو، جلد ئي ٻڌائبو ته هو پنهنجي مرضي سان ڪچي ويا يا انهن کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي.هن چيو ته پوليس ڌاڙيلن خلاف جامع آپريشن جي تيارين ۾ آهي جلد ئي ڪچي جي ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويندو. تنگواڻي واسي محمد بخش لاشاري، گڊو واسي نينگر ذيشان پٺاڻ به ڏوهارين جي قيد ۾ آهن.