ٽنڊوباگو/نندو/کوسڪي/ پنگريو (نمائندا) ٽنڊوباگو، شيخ منظور سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف نندو، پنگريو ۽ کوسڪيءَ ۾ آبادگارن، هارين، شهرين ۽ سول سوسائٽيءَ جو پيادل مارچ، مظاهرا ۽ ڌرڻا، مسئلي جي حل تائين جهدوجهد جاري رکڻ جو عزم، ننڍن وڏن نالن جي فوري طور کاٽي ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب ٽنڊوباگو مين ڊرين سم نالي جي گُذريل ويهن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ ۽ سول سوسائٽي نندو شھر طرفان ٽنڊوباگو مين ڊرين کوسڪي روڊ کان خليل ڀرڳڙي،حفيظ ميمڻ،خادم ميمڻ ۽ عزيز ڏيرو جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ماڻھو 4 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري شاهنواز چوڪ نندو شھر ۾ هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. انهيءَ موقعي تي ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خليل ڀرڳڙي، عزيز ڏيرو، حفيظ ميمڻ، خادم ميمڻ، ايس يُو پِي جي امير آزاد پنهور، عبدالغفور چانڊيو،لالا الله نواز شيخ، محمد رمضان لُنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊوباگو مين ڊرين جي گُذريل ويهن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري ٽنڊي باگي ۽ تعلقي بدين جي 8 کان مٿي يونين ڪائونسلن جا لکين رهواسي برساتن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، هر سال ٽنڊوباگو سم نالي جي کاٽيءَ جي لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊز اچن ٿا پر مقرر ٿيل آفيسر سياسي آشرود سان سموري رقم هڙپ ڪري ڇڏين ٿا. هنن جو چوڻ هو ته اڪرم واهه ۾ مسلسل پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري بدين ضلعي جا آبادگار مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھن پر سنڌ سرڪار ڪو به نوٽيس نه پيئي وٺي، هنن واضح ڪيو ته اڄوڪو احتجاج هڪ وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪندو، جيستائين ٽنڊوباگو مين ڊرين سميت ننڍن سم نالن جي مڪمل کاٽي نه ٿيندي تيستائين اسان جو هيءُ احتجاج جاري رهندو .ٻئي پاسي شيخ منظور سم نالي کان پريس ڪلب پنگريو تائين ايس ٽي پي اڳواڻن شاھنواز سيال حيدر پھنور، ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پھنور، لکاڏنو عمراڻي، پپو ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، بعد ۾ شادي سمال واه جي موري تي احتجاجي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھڪ پاسي پنجاب سنڌو دريا جو پاڻي زبردستي وهائي غير قانوني طور چشما، تونسا ۽ ٿل ڪئنال ذريعي پنھنجون زمينون آباد ڪري رھيو آھي، ٻئي پاس سنڌ سرڪار جي نااهلي سبب بدين ضلعو پوڇڙي ۾ ھئڻ سبب سڀ کان وڌيڪ کوٽ برداشت ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري ڦٽي مرچ ڪمند ۽ ٻيا فصل سڪي تباهه ٿي رھيا آھن. کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري سم نالا ابتا وھڻ ڪري هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي رهي ٿي. ٻئي پاسي هڏاڇڙ شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن پاران فراق هاليپوٽو، جمن شاھ، حاجي هاليپوٽو ۽ خير محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته هڏاڇڙ شاخ جا آبپاشي عملدارن بااثر ماڻهن کان پئيسا وٺي پوڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن.