حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران 9 سال اڳ ڪراچي ۾ 22 مئي تي ريلي دوران مارجي ويل غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي ۽ ٻين جي نائين ورسي اڄ سڄي سنڌ ۾ سادگي سان ملهائي ويندي، ڪيو اي ٽي جي پريس ترجمان مطابق ڪورونا جي وبا جي ڪري ورسي جون تقريبون سادگي سان منعقد ٿينديون. قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي کين سلامي پيش ڪندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ورسي جي حوالي سان چيو آھي ته غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ، اعجاز بلوچ ۽ ٻين دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي وطن لاءِ جان ڏني هئي. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن.