لاکا روڊ ( ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ قاسم علي وگهيو جي سوين ڳوٺاڻن برڪت علي وگهيو ،نذير حسين وگهيو ،گلزار علي ۽ رحمت علي وگهيو جي اڳواڻي ۾ سيپڪو محرابپور جي عملدارن خلاف ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو ،ان موقعي صحافين جي ٽيم سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته سندن ڳوٺ جي بجلي جي لائين جا 7 پول سم جي پاڻي ۾ گذريل 8- مهينن کان ڪريا پيا آهن جنهن سبب سندن ڳوٺ جي بجلي به بند پيل آهي، سيپڪو محرابپور جي عملدارن سان سندن آفيسن ۾ وفدن جي صورت ۾ ڪيئي ڀيرا وڃي دانهون ڪوڪون ڪيون پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو ته سندن مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا ۽ ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندا.