ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ ڪاٺ جي واڍي ڪندڙ پورهيتن گهٽ اجرت ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي راجا خان ملوکاڻي، علي نواز ملوکاڻي، آصف ڪشميري، علي محمد ڀٽي، پپو جلالاڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 6 مهينن کان ڪاٺ جي واڍي جي گهٽ اجرت ملي رهي آهي، جنهن ڪري پيٽ گذر مشڪل بڻجندو پيو وڃي، هنن چيو ته دانهين ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته هر شئي جا اگھه چوٽ چڙھڻ باوجود اسان جي اجرت ساڳي رکي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اجرت ۾ واڌارو ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.